مولانا تاج محمود امروٽ

in #historical6 years ago

image
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

هن دنيا ۾ ڪي اهڙا به عظيم انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي حياتي انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪئي هئي. اهڙن عظيم انسانن پنهنجي سک کي قوم جي سک تان قربان ڪندي، هميشہ هميشہ لاءِ امر ٿي ويا. اهوئي سبب آهي جو سالن گذرڻ بعد، اڄ به قومون کين ياد ڪنديون رهن ٿيون. سونهاري سنڌ به پنهنجي هنج ۾ وقت بوقت اهڙين عظيم هستين کي جنم پئي ڏنو آهي، جن پنهنجي زندگي اسلام جي بقا ۽ جيجل سنڌ جي خدمت لاءِ وقف ڪئي آهي. اهڙن نيڪ ۽ نامور مردن مان تعلقي ڳڙهي ياسين (شڪارپور) جي ڳوٺ امروٽ شريف جو مولانا سيد تاج محمود ولد سيد عبدالقادر به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1844ع تي تعلقي روڙهيءَ (سکر) جي ڳوٺ ”ديواني“، لڳ ڳاڙهي موريءَ ۾ ٿي هئي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين. ان کانپوءِ پير ڳوٺ مان فارسيءَ جا ڪجهه ڪتاب به پڙهيو. اهڙيءَ طرح عربي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا، تعلقي روهڙيءَ جي جيد عالم، آخوند حاجي عبدالقادر پنهواريءَ وٽان حاصل ڪيائين. فارغ التحسيل ٿي، پنهنجي والد بزرگوار کان سلوڪ جون راهون معلوم ڪيائين. والد جي وفات بعد سندس وصيعت مطابق، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ڀرچنڊي شريف مان عرفان ۽ ايقان جي صاحب ۽ خلق – خدا کي فيض ڏيندڙ حافظ محمد صديق سميجو رح (1827ع – 1890ع) کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ورتائين. جتان کيس ”خليفي“ جو لقب به مليو هو. کانئس اجازت وٺي امروٽ ۾ اچي رهيو.
امروٽ ۾ مولانا صاحب جو فيض عام هو؛ جنهن ڪري سندس درس و تدريس مان وڏا وڏا عالم فارغ التحصيل ٿي، دستار – فضيلت ٻڌائون پاڻ هميشہ وعظ وسيلي شرعي احڪامن جي پرچار ڪندو رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي غير مسلم به مسلمان ٿيا. مطلب ته مولانا صاحب جي روحانيت واري تبليغ اسلام کي سر بلند ڪرڻ ۾، مدبرانه ۽ مفڪرانه صلاحيتن جو واضح اظهار هو.
مولانا امروٽيءَ جتي دين جي تبليغ ۾ سرگردان رهيو، اتي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به مرد مجاهد جي حيثيت سان پيش پيش رهيو آهي. کيس هر وقت ”جهاد في سبيل الله“ جي تمنا هئي – 1919ع ۾ جڏهن ”خلافت تحريڪ“ جو آغاز ٿيو، ته پاڻ انهيءَ سلسلي ۾ ڪلڪتي، بمبئيءَ ۽ علي ڳڙه تائين به سفر ڪيائين. آخر تحريڪ جي جنم سان، سندس روح روان به پاڻ ئي بڻيو هو. انهيءَ جدوجهد ڪيترن ئي مسلمانن کي جيل – ڏيکاريا انگريزن کي انهيءَ تحريڪ، نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو.
پاڻ آزاديءَ جي جدوجهد سان گڏ هر وقت شرعي ڪمن تي به سر ڌڙ جي بازي لڳائيندو رهيو. اُن زماني ۾ سکر بئراج جو کيرٿر واه، سندس ڳوٺ جي سامهون کوٽجي رهيو هو. ان جي کوٽائيءَ لاءِ ڪي مسجدون به واه جي وچ تي ٿي آيون. مسجدن کي بچائڻ لاءِ پاڻ پنهنجن مريدن ۽ طالبن سميت، انگريزن جي طاقت جو ڀرپور مقابلو ڪيائين. نتيجي طور مسجدون شهيد ٿيڻ کان بچي ويون.
مولانا امروٽيءَ جي شاعريءَ طرف به رغبت رهي آهي. عشق حقيقيءَ جا باريڪ نڪتا بيان ڪندي؛ ”يوسف زليخا“ نالي مثنوي به مرتب ڪيائين، جيڪا ”پريت نامه“ نالي سان پڌري آهي. ازانسواءِ ڏوهيڙن جي طرز تي قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جو منظور تفسير پڻ قلمبند ڪيائين. پاڻ 88 ورهين جي ڄمار ۾، اربع 3 جمادي الثاني 1348هه مطابق 6 نومبر 1929ع تي، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. امروٽ شريف ۾ سندس درگاه عام و خاص لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. اهڙيءَ طرح خاص خليفن جي فهرست ۾: مولانا احمد علي لاهوري، مولانا حماد الله هاليجوي، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي، مولانا محمد ٻنوي، مولانا محمد عظيم ڪاڪيپوٽو ۽ مولانا محمد اسماعيل عودويءَ جهڙن عالمن سڳورن کي به وساري نه ٿو سگهجي.
(1) – انهن نو مسلم ماڻهن تان ساڻس سخت تڪرار به ٿيا، جن کي پاڻ نهايت حلم، اخلاق ۽ روحانيت سان طيءِ ڪيائين. ڳڙهي خيري جماليءَ جي شيخ عبدالله جو مسلمان ٿيڻ ۽ باگڙجيءَ جي هندو سوناري (جيڪو پوءِ مسلمانڪي نالي ”نورالحق“ سان مشهور ٿيو) بنسبت ڪورٽن جا ڪيس، انهيءَ ڏس ۾ واضح ثبوت آهي.
(1) – ياد جانان – مولانا دين محمد وفائي؛ 1920ع، صفحو 22.
(2) – آخر سومر 21 شوال 1338هه مطابق 16 جولاءِ 1920ع تي افغانستان ڏانهن هجرت جو قافلو لاڙڪاڻي مان ريل رستي روانو ٿيو؛ جنهن جو سالار – ڪاروان، رئيس المهاجرين جان محمد خان جوڻيجو (1886ع – 1921ع) هو.
(3) – سندس دعا سان اڄ به مسجد، کيرٿر واه جي وچ تي ثابتيءَ لاءِ موجود آهي.
(1) – سورت ”ياسين“ ۽ ”الرحمان“ جومنظوم تفسير، سنڌي زبان ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو. ازانسواءِ ”الهام القرآن“ نالي بامجاوره سليس سنڌي زبان ۾ ترجمو به ڪيل آهي.


مولانا تاج محمود امروٽي:

ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا سيد عبدالقادر وٽان حاصل ڪئي. عربي تعليم مولانا عبدالقادر پنهواريءَ (تعلقي روهڙيءَ) کان ورتائين. جوانيءَ ۾ حافظ محمد صديق جي خدمت ۾ ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ کانئس بيعت ورتائين. سندس ئي هدايت تي اباڻي ڳوٺ ”ديوانيءَ“ کي ڇڏي، ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”امروٽ“ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن بزرگ امروٽ ۾ اچي اتي موجود بدعتون ختم ڪرايون. مولانا امروٽي، وڏو متوڪل ۽ فنا في الله بزرگ هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه وقت فاقا به ڪڍندو هو. سندس خانقاهه، ”صفه“ جو نمونو ۽ روحاني فيض جي ڳولائن لاءِ تمام اهم دارالعلوم هئي.

مولانا تاج محمود جي شادي سندس چاچي سيد مهر علي شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس ”حسن شاهه“ نالي پٽ به ڄائو، جيڪو ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ٻه شاديون ٻيون به ڪيائين، پر انهن مان به کيس اولاد نه ٿيو. مولانا صاحب کي پنهنجي پٽ ”حسن شاهه“ سان پيار هو، جنهن سبب پنهنجو تخلص ”حسن“ اختيار ڪيائين. سڄي زندگي اسلامي تبليغ ۽ عوامي فلاح جي ڪمن ۾ حصو ورتائين. مولانا صاحب ديني درس تدريس سان گڏ سياسي ميدان ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. خاص طرح ” خلافت تحريڪ “، ” هجرت تحريڪِ“، ”ترڪَ موالات تحريڪِ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ حصو ورتائين. پاڻ امروٽ ۾ دارالعلوم قائم ڪيائين، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ ستن سالن تائين درس ڏنو. هن مدرسي مان مولانا حماد الله هاليجوي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ جهڙا عالم پيدا ٿيا. شيخ الهند مولانا محمود الحسن پڻ امروٽ شريف ايندو رهندو هو. مولانا تاج محمود، امروٽ ۾ ديني ادب جي اشاعت لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس ”محمود المطالع“ قائم ڪري، ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ شايع ڪيو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هو ۽ ڪنهن به انگريز جو منهن ڏسڻ پسند نه ڪندو هو.

مولانا امروٽي سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر به هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير سندس اهم ۽ يادگار تصنيف آهي. سنڌيءَ ۾ سندس منظوم رسالو ”پريت ناما“ ۽ سورة ياسين جو منظوم ترجمو پڻ گهڻا مقبول آهن. سندس موهيندڙ شخصيت ۽ حسن اخلاق، هندو توڙي مسلمان، ننڍي توڙي وڏي، ٻار توڙي ٻڍي، هر فرد کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ڪيترن غير مسلمانن کي اسلام جي دائري ۾ آندو. جمعي جي نماز لاءِ شهر جي جامع مسجد ڏانهن ويندي، گهٽين ۾ هندو مرد، عورتون ۽ ٻار، دعا يا پاڻي پڙهائڻ لاءِ ٿانوَ کنيو سندن انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ ”شڌي“ پرچار به زور شور سان جاري هو ۽ ڪن متعصب هندن، مولانا امروٽيءَ خلاف شور مچايو ۽ مٿس ڪيس به ڪيا، جيڪي سالن جا سال هلندا رهيا. 1922ع ۾ انگريز سرڪار، بئراج جي واهن جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن کيس اطلاع مليو ته واهن کوٽڻ جي رِٿ مڪمل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ڪي مسجدون به شهيد ٿينديون. اها خبر ٻڌڻ وقت، علالت جي بستري تي هوندي به هڪدم اٿي ويهي رهيو ۽ بلند آواز سان فرمايائين ته ”آهن ڪي مرد مجاهد، جي الله جي گهرن کي تباهيءَ کان بچائين، جن الله جي گهرن جي حفاظت ڪئي، انهن لاءِ آخرت ۾ گهر ٺهندو.“ کانئس بيماري وسري وئي ۽ جماعتين کي گهرائي، مسجدن جي تحفظ لاءِ پيغام موڪليائين. هن ڪوشش پٺيان هڪ پاسي شعائرالله (قديم آثار/ خدا جا نشان) کي بچائڻ ۽ انگريز سامراج سان ٽڪر کائڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ مقصود هو. هن مقصد ۾ مولانا امروٽيءَ کي آخر فتح حاصل ٿي ۽ ڪيتريون مسجدون بئراج جي زد کان بچايون ويون. مولانا امروٽيءَ کي سلوڪ جي چئني طريقن قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سهرورديءَ جي فيض جي تلقين مليل هئي، پر قادري سلسلي تي خاص عبور حاصل هو ۽ اڪثر تلقين به قادري طريقي جي ڪندو هو. چون ٿا ته انگريزن مولانا تاج محمد امروٽيءَ کي ڳجهيءَ طرح زهر ڏياريو هو، جنهن جي اثر کان ڪمزور ٿي، پاڻ 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪيائين.


Coin Marketplace

STEEM 0.27
TRX 0.13
JST 0.032
BTC 61383.17
ETH 2915.78
USDT 1.00
SBD 3.61